ابڙو علامه مستانو سيوهاڻي

ابڙو علامه مستانو سيوهاڻي

ابڙو علامه مستانو سيوهاڻي

ابڙو علامه مستانو سيوهاڻي: ابڙي علامه مستاني سيوهاڻيءَ جو اصل نالو رحمت الله ابڙو آهي، جنهن محمد صديق ابڙي جي گهر ۾ ڳوٺ پياري واهڻ، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 12 مئي 1947ع تي جنم ورتو. هي پوليٽيڪل سائنس ۾ بي. اي (آنرس) ۽ ايل.ايل. بي هو. پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. 1950ع کان وٺي شعر، ڪهاڻيون، مضمون، مزاحيه ڪالم، مقالا، تنقيدون ۽ تبصرا لکيائين، جيڪي سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڇپيا. هن پورا ويهه (20) سال (1961ع کان 1984ع) قلمي نالي ’علامه مستاني سيوهاڻي‘ سان مختلف اخبارن: عبرت، سنڌ نيوز، عبرت مئگزين ۽ رسالن ۾ مزاحيه ڪالم لکيا. هي صحافي ۽ فنڪار هئڻ سان گڏ علم موسيقيءَ جو ڄاڻو به هو. هن جي لکڻ جو اسلوب منفرد، وٽس معاشري جي براين کي مزاحيه رنگ ۾ پيش ڪرڻ جو فن هو. هن جو هڪ ناول ”ٻير جي ڍنگهري“ عنوان سان مشهور شاعر اسحاق راهي، سرمد پبليڪيشن ميهڙ پاران 1982ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. علامه مستاني سيوهاڻي 27 اپريل 1982ع ۾ وفات ڪئي.
علامه مستاني سيوهاڻيءَ جو نالو مزاحيه ادب جي حوالي سان سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.05.12  عيسوي

ابڙو علامه مستانو سيوهاڻي: ابڙي علامه مستاني سيوهاڻيءَ جو اصل نالو رحمت الله ابڙو آهي ، جنهن محمد صديق ابڙي جي گهر ۾ ڳوٺ پياري واهڻ ، تعلقي ڏوڪري ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 12 مئي 1947ع تي جنم ورتو


1982.04.27  عيسوي

علامه مستاني سيوهاڻي 27 اپريل 1982ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه اسد 1
آچاريه ڀڳوان ديو
ڀواني شنڪر
ڪملا گوڪلاڻي ڊاڪٽر
مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي
ايوب گاد
نيلوفر شيخ ڊاڪٽر
عبدالسلام ٿهيم
امداد حسين (موسيقار)
محب ڀيل ڪامريڊ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون